سڱاوتي تڪرار: جيڪب آباد ۾ سهري ۽ سالن هٿان ناٺي گوليون هڻي قتل

جيڪب آباد :- جيڪب آباد سٽي ٿاڻي جي حد وچ شھر ۾ سڱاوتي تڪرار تان سُهري پٽن سان ملي پنهنجي ناٺي 36 سالن جي اسلم شاھ  مٿان پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو شھرين زخمي کي رڪشي تي کڻي سول اسپتال پهچايو جتي هن زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو, لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو مقتول جان محمد ڪالوني جو رهاڪو هو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سٽي جو چوڻ هو ته پوليس ڇاپو هڻي 17 سالن جي ذھني بيمار مرتضي ولد انعام شاھ کي گرفتار ڪري ورتو آھي, گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آھيون جلد مک جوابدار کي گرفتار ڪبو. ٻئي پاسي مقتول جي ڀاءُ لقمان شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڱاوتي تڪرار هلندڙ ھو منهجو ڀاءُ انهن جي دڪان تي ويو ته اتي انهن جي مُنهن ماري ٿي جنهن سبب منهنجي ڀاءُ کي ظالم انعام شاھ, بقا محمد, ۽ مرزا بيدردي سان قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آھن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي