سڪيورٽي ادارن کي ساجد گوندل جي بازيابي لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت

اسلام آباد:- وفاق ۽ سڪيورٽي ادارن کي ساجد گوندل جي بازيابي لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايس اي سي پي جي گم ٿيل جوائنٽ ڊائريڪٽر ساجد گوندل جي بازيابي لاءِ مهلت ڏني. عدالت گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته وزيراعظم کي آگاهه ڪري معاملي ايندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اٿاريو وڃي. ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ايس اي سي پي جي گم ٿيل آفيسر  کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ويو