سکر ۾ ٽماڙ عمارت ڊهي پئي: ابهم ٻالڪ سميت 3 ڄڻا فوت،15 سخت زخمي

سکر:- سکر ۾ اوچتو 3 ماڙ عمارت ڪري پئي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت معصوم پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته  6 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.گهنٽا گهر واري علائقي جي حسيني روڊ تي قائم عمارت اوچتو ڪري پئي، جنهن دوران ملبي مان عورتن ۽ ٻارن سوڌو 9 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ سال جو ٻارڙو عمران پٽ ارسلان ۽ سندس امڙ مينا زال ارسلان ۽ عورت خالده زال عدنان مغل فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 زخمين جو علاج جاري آهي، جن ۾ نوجوان ارسلان، احمد، محمد آصف، عبدالحميد، نينگري آنابيه ۽ نينگري منزه شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته عمارت ۾ 3 خاندان رهندڙ هئا، اڃا به 15 کان وڌيڪ ماڻهن جي دٻيل هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. عمارت ڊهڻ سبب 11 هزار ووليٽج واريون تارون به ٽٽي پيون،جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي ۽ اوندهه سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش آيون، امدادي ڪارروائين ۾ پوليس رينجرز ۽ فوج جي جوانن پڻ حصو ورتو.افسوسناڪ واقعي بعد سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪشمنر سان رابطو ڪيو زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.