سکر ڪوئينس روڊ تان گم ٿي ويل هڪ ئي گهر جي 6 ٻارڙن جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو پئجي نه سگهيو

سکر :- سکر ۾ گم ٿيل 6 نينگر 2 ڏينهن گذرڻ باوجود هٿ اچي نه سگهيا، پوليس مختلف ٿاڻن ذريعي ڳولا ڪري رهي آهي ۽ انتظاميا طرفان مقامي توڙي نيوي جي ٽوٻن ذريعي درياءَ ۾ نينگرن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ڪوئينس روڊ واري علائقي جا رهواسي 6 نينگر 2 ڏينهن اڳ شام جي وقت راند کيڏڻ ويا ته گهر واپس نه موٽيا، سمورن نينگرن جي وارثن طرفان جيئن ئي هڪ ئي وقت 6 نينگرن جي رپورٽ ڏني وئي ته پوليس ۽ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڪالهه سڄو ڏينهن نينگرن جي ڳولا ڪئي وئي پر اُهي هٿ اچي نه سگهيا. شام جي وقت بندر روڊ واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي نينگرن جا ڪپڙا ۽ چپليون هٿ ڪيون ويون، جيڪي پاڙيسري نينگر جي نشاندهي تي مليون. گُم ٿيل نينگرن ۾ 10 ورهين جو محمد عاصم، احسان، 15 سالن جو محمد قاسم، حماد، 11 ورهين جو احتشام ۽ 12 سالن جو محمد يونس شامل آهن.
سکر پوليس ۽ انتظاميا طرفان اڄ به گُم ٿيل 6 نينگرن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، درياءَ ڪناري تان چپليون ۽ ڪپڙا هٿ اچڻ بعد سنڌو درياءَ ۾ ڳولا ڪئي پئي وڃي. مقامي ٽوٻن جي مدد سان رائيس ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال ۾ نينگرن جي ڳولا جاري آهي. واقعي کانپوءِ سکر شهر ۾ سوڳ جي لهر پکڙيل آهي ۽ وارث پريشانيءَ واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. سمورا گُم ٿيل نينگر هڪ عمارت ۾ فليٽس تي رهندا هئا ۽ روزانو شام جي وقت راند کيڏڻ ويندا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته نينگرن جا ڪپڙا هٿ اچڻ کانپوءِ پوليس ۽ انتظاميا طرفان خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته اُهي درياءَ ۾ ئي ٻڏي ويا آهن، تنهن ڪري درياءَ ۾ نينگرن کي ڳولڻ لاءِ مقامي ٽوٻن سان گڏ نيوي جا ٽوٻا به گهرايا ويا آهن. نينگرن جي وارثن ۽ مقامي ٽوٻن جو چوڻ آهي ته موجوده ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪو ٻڏي فوت به ٿي ويندو آهي، ته اُن جو لاش 36 ڪلاڪن کانپوءِ مٿي چڙهي پاڻي ۾ ترندي نظر ايندو آهي. وارثن پريشاني ظاهر ڪندي چيو آهي ته الله نه ڪري جيڪڏهن ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن ته هيل تائين هڪ به نينگر ڇو نظر نه آيو آهي.