سکر – شڪارپور روڊ تي ميجر ڪليم الله اوڍو کان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو

لکي غلام شاھ :- لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور روڊ تي ميجر جي فيملي هٿياربندن هٿان يرغمال، هٿيار جي زور تي روڪ رقم موبائيل فونيون سونا زيور ٻيو سامان ڦرلٽ، پوليس اگهور ننڊ ستل، ميجر جو ٻڌي ايس ايڇ او پهچي ويو، چورن جا پيرا ڪتن وسيلي کڻي ڳوٺ سوڀو مهر وڌا ويا شڪ جي بنياد تي 6 ڄڻا گرفتار، آرمي آفيسر کان فيملي سميت ڦر ٿي آهي ته عام شهرين سان ڪهڙو حشر ٿيندو شهرين پاران ڳڻتي، تفصيل موجب لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور روڊ تي جهان خان ٿاڻي جي حد مان فيملي سميت شڪارپور کان شادي تان موٽندڙ سکر واسي آرمي آفيسر ميجر ڊاڪٽر ڪليم ﷲ اوڍو کان نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڪار کي يرغمال بڻائي ڪري هزارين روپيا روڪ رقم موبائيل فونيون سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي ايس ايڇ او جھان خان ﷲ ڏنو سومرو پهتو جنهن جو چوڻ هو ته جاسوس ڪتن ذريعي ڦورن جا پيرا کنيا ويا آهن، جيڪي ڳوٺ سوڀو مھر ۾ گم ٿيا آهن، هن جو چوڻ هو ته پوليس پاران ملوث ڦورن جي ڳولها جاري آهي جيڪي جلد گرفتار ٿي ويندا، هن چيو ته شڪ جي بنياد تي 6 ڄڻن رحيم بخش، ڪريم بخش مھر سميت ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، هوڏانهن شهرين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آرمي جي بالا آفيسر کان ڏينهن ڏٺي ڦر جي واردات ٿي سگهي ٿي ته عام شهرين سان اهي ڦورو ڪهڙو حشر ڪندا، واضع رهي ته ايس ايس پي شڪارپور امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي جنهن جي سستي جي سزا سڄو ضلعو  ڀوڳي رهيو آهي