سکر جي صالح پٽ واري علائقي ۾ مڙس پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

سکر جي صالح پٽ واري علائقي ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب صالح پٽ تعلقي جي ٿاڻي جنوجيءَ جي حد ۾ واقع ڳوٺ غلام رسول شنباڻي ۾ صادو شنباڻيءَ نالي شخص پنهنجي زال زرينا مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سندس زال ۽ 12 سالن جي ڌيءُ ٿڏي تي ئي مارجي ويون. مقامي ماڻهن ٻڌايو آهي ته ملزم کي پنهنجي زال مٿان شڪ هيو ته ڳوٺ جي هڪ مرد سان سندس ناجائز لاڳاپا آهن. انهيءَ معاملي تان تڪرار کانپوءِ ملزم زال مٿان هٿيار تاڻيو ته سندس 12 سالن جي ڌيءُ پنهنجي ماءُ کي بچائڻ لاءِ اڳيان اچي وئي ته گولين جي زد ۾ اچي اها به مارجي وئي. مقامي پوليس ملزم کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي