سکر جي روهڙي ويجهو پيارو واھ وٽ ٽرين جي انجڻ ۽ موٽر سائيڪل  جي ٽڪر ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

سکر:- سکر جي روهڙي ويجهو پيارو واھ وٽ ٽرين جي انجڻ ۽ موٽر سائيڪل  جي ٽڪر ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. خبر موجب روهڙي جي جهانگڙو ٿاڻي جي حد پيارو واھ جي ريلوي ڪراسنگ وٽ ريل جي انجڻ ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر  جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٽڪر ان مهل ٿيو جڏھن ريلوي ڪراسنگ وٽان موٽر سائيڪل گذري رهي هئي ته سامهون ايندڙ ريل جي انجڻ سان ان جو ٽڪر ٿي پيو. ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ئي خاندان جا موٽرسائيڪل سوار  5 ڄڻا فوت ٿي ويا.  روهڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ايڌي ايمبولينس وسيلي لاش روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا.  ريلوي ڪراسنگ وٽ ڪو به در لڳل ناهي: فوتين جي سڃاڻپ 60 ورهين جي رستم ڦلپوٽو . 40 ورهين جي واحد بخش ڦلپوٽو . 45 ورهين جي زرينه ڦلپوٽو . 7 ورهين جي علي رضا ڦلپوٽو ۽ سندس ڀيڻ طور ٿي آھي. فوتي خاندان وسريو واهڻ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. جيڪي پنهنجي مامن جي گهر وڃي رهيا هئا. خالي انجڻ 5207 ڪلوميٽر نمبر 484  روهڙي کان ميرپور ماٿيلو وڃي رهي هئي