سچل ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن کي آباد ڪرڻ ۽ انھن کي قانوني طريقي سان مالڪاڻا حق ڏيارڻ تي علمي ۽ ادبي شخصيتن پاران تاج محمد وساڻ کي سندس 56ھين سالگرھ تي خراج تحسين پيش

ڪراچي :- سچل ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن کي آباد ڪرڻ ۽ انھن کي قانوني طريقي سان مالڪاڻا حق ڏيارڻ ۾ جن دوستن ڪردار ادا ڪيو انھن ۾ تاج محمد وساڻ جو نالو سرفھرست آھي.. اھڙن خيالن جو اظھار مختلف سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن پاران تاج محمد وساڻ کي سندس 56ھين سالگرھ جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪندي ڪيو ويو. سُرھي سانجه ۽ سالگرھ جي ھڪ پروقار تقريب شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن جو انتظام تر جي مشھور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ محمد حنيف سومري ۽ سينيئر صحافي غوث ٻگهيي پاران ڪيو ويو. مقررن چيو تہ سچل ڳوٺ آباد ٿيڻ کانپوءِ ھن علائقي ۾ ڪيتريون ئي وسنديون آباد ٿيون جتي ڌرتي ڌڻي آباد ٿيا آھن. ھنن چيو تہ سچل ڳوٺ کي ھتان جي سنڌي وسندين جي ماءُ جي حيثيت حاصل آھي ۽ سچل ڳوٺ کي مِني سنڌ پڻ سڏيو وڃي ٿو ۽ ھاڻي سچل ڳوٺ ھڪ ٽائون جي حيثيت جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان کي آباد ڪرڻ جو سھرو تاج محمد وساڻ ڏانھن وڃي ٿو. مقررن چيو تہ تاج محمد وساڻ ڪيترين خوبين جو مالڪ آھي، ھو فراخ دل، ملنسار، پنھنجائپ ڏيندڙ، سڀني کي گڏ کڻي ھلندڙ، ايماندار، سچار، غريبن جو ھڏڏوکي، تعليمي سھوليتن لاءِ جاکوڙيندڙ شخص آھي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي اوڀر جي ضلعي صدر اقبال ساند چيو تہ تاج محمد ھميشہ علائقي جي مسئلن بابت حڪومت ۽ انتظاميہ سان لھ وچڙ ۾ رھي ٿو ۽ ھتان جي مسئلن کي نروار ڪري انھن کي حل ڪرائڻ جي جستجو ڪندو رھي ٿو. ھن چيو تہ تاج محمد صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ھارائي نہ ھئي پر ھن کان کسي وئي ھئي پر پوءِ بہ ھن ڪروڙين روپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن جن ۾ اسڪول ڪاليج روڊ رستا ۽ سيوريج نمايان آھن. پ پ اڳواڻ حاڪم علي جسڪاڻيءَ چيو تہ تاج محمد وساڻ ھتان جي علائقي واسين جي دل ۾ رھي ٿو ۽ ھر وقت ھتان جي مسئلن کي حل ڪرڻ کي اوليت ڏئي ٿو. ھن چيو تہ حڪومت سنڌ ھتان جي علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان آھي ۽ ھتي رھندڙ مين روڊ ان جو مثال آھن. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي چيو تہ تاج محمد وساڻ سياسي شخصيت ھجڻ سان گڏ ناميارو سماجي اڳواڻ آھي جنھن خدمت کي عظمت سمجهي عوام جي خدمت ۾ ويساھ رکيو آھي ۽ سدائين ماڻھن سان گڏ رھيو آھي. ھن چيو تہ تاج محمد وساڻ سگا جي پليٽ فارم تان تعليم جي واڌاري لاءِ جاکوڙيو آھي.

نامياري ليکڪ، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو تہ تاج محمد وساڻ وڏا وڙ ڪندڙ شخصيت جو مالڪ آھي. ھن چيو تہ تاج صاحب خدمتون ڪيون آھن ۽ محبتون ميڙيون آھن. ھو اھڙي شخصيت آھي جنھن سان سور سليندي ۽ حال دل اوريندي پنھنجائپ جو احساس ٿيندو آھي. ان موقعي تي يو سي ڀٽائي آباد جي اڳوڻي چيئرمين اي ڊي سومرو، پ پ يوٿ ضلع اوڀر جي صدر بادشاھ چانڊيو، سگا سچل ڳوٺ شاخ جي نائب صدر علي اڪبر مغيري، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ عبدالڪريم چانڊيو، قومپرست اڳواڻ نورالدين جمالي، اي جي پي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو، سگا اڳواڻ ڪرم الاھي چنا، سچ سوشل ويلفيئر جي وھاب سومرو، ڪامريڊ شبير راجپر، معشوق منگي، علي محمد ميمڻ، سيد منظور احمد شاھ، شمس الحق ميمڻ، ثناءُا لله راڄڙ، امداد ڏھر، خانبھادر شر، علي رضا گبول، عبدالغفار ڀٽو، حسين بخش ناريجو، ملير نيشنل پريس ڪلب جي صدر وحيد مراد سيال، سنڌ ٽي وي جي بشير سنجراڻي، ڌرتي ٽي وي جي غوث ٻگهيو، نواز سانگي، گسٽا ضلع اوڀر جي صدر محمد سليمان آگرو ۽ ٻين تاج محمد وساڻ کي سندس سالگرھ جي موقعي تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي علي گل ملاح ۽ سھراب سومري پروگرام ۾ مزاح جا رنگ ڀريا.

تاج محمد وساڻ پروگرام منعقد ڪندڙ ۽ ھيڏي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندڙ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اديب، صحافين، ڪارڪنن ۽ ساٿين جا ٿورا مڃيا جن کيس عزت ۽ مان بخشيو. ھن چيو تہ زندگيءَ جو مقصد بڻايو ھيم تہ ماڻھن جي خدمت ڪبي ۽ ايمانداريءَ جو دامن نہ ڇڏبو ، اڄ ان جو ڦل اليڪشن ھجي يا ھي پروگرام اوھان دوستن جي محبتن جي موٽ ذريعي مليو آھي. ھن چيو تہ ڪوشش ڪئي آھي تہ ھتان جي ماڻھن جي مسئلن کي حل ڪيون ۽ جيترو ٿي سگهيو آھي ڪيو آھي. آخر ۾ پروگرام منعقد ڪندڙ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ محمد حنيف سومري آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ تاج محمد وساڻ کي سالگرھ جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون. پروگرام جي ڪمپيئرنگ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي جنرل سيڪريٽري محمد سليمان وساڻ ۽ فرحان سومرو ڪئي.

ان موقعي تي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن تاج محمد وساڻ کي اجرڪ، گلدستا، ھار ۽ تحفا پيش ڪيا