سڄي ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ تي اتفاق، ماسڪ ۽ اسڪريننگ لازمي قرار

اسلام آباد:- وفاقي سرڪار، سڄي ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان مرحليوار تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي،  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته پندرهن سيپٽمبر کان نائين ۽ ڏهين جا ڪلاس شروع ڪري ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون وينديون، ڇهين کان اٺين درجي جا ڪلاس 23 سيپٽمبر کان ورتا ويندا، هڪ هفتي کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر صورتحال جو جائزو ورتو پرائمري اسڪول کولڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته اسڪولي ٻارن کي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، ڀلي اهو ڪپڙي جو ئي ڇو نه هجي، تعليمي ادارن ۾ داخل ٿيندي ئي ٻارڙن جي اسڪريننگ ڪئي ويندي. سنڌ جي تعليم کاتي پاران پندرهن سيپٽمبر کان صوبي ۾ مرحليوار تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ به ساڳي ڏينهن کان مرحلي وار تعليمي ادارا کوليا ويندا. تعليم واري وزير سعيد غني جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پندرهن سيپٽمبر کان نائين، ڏهين جا ڪلاس، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون وينديون. ترجمان چيو ته 22 سيپٽمبر کان ڇهن کان اٺين درجي جا ڪلاس شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته 30 سيپمٽبر کان پري پرائمري ۽ پرائمري ڪلاسن جي شروعات ڪئي ويندي. صوبائي وزير جي ترجمان موجب ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا وائرس وڌڻ تي اتي اسڪول بند ڪيا  ويندا. هن چيو ته اسڪولن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي هوندا، ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ويندي. هوڏانهن پنجاب ۾ به پندرهين سيپٽمبر کان صوبي ۾ تعليمي ادارا کوليا ويندا. تعليم صوبائي وزير مراد راس موجب پنجاب ۾ ڪنهن به اسڪول کي ڊبل شفٽ هلائڻ جي اجازت نه ڏين ويندي، سمورن ڪلاسن جي شاگردن کي متبادل ڏينهن تي گهرايو ويندو