سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

  اسلام آباد :  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾  خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ذيلي ادارن، خوراڪ ۽ زراعت واري وفاقي وزارت ۽ ٻين سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تنظيمن جي سهڪار سان وفاقي راڄڌاني سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون، منعقد ڪيون ويون جن جو مقصد خوراڪ جي اهميت ۽ افاديت ۽ غذائي طور پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ لاءِ قدمن سميت خوراڪ جي ضرورت مطابق پيداوار ۾ اضافي ۽ درپيش مسئلن سميت اهم معاملن تي تجويزون ۽ سفارشون ڏيڻ آهي. ان سلسلي ۾ ٽي وي چينلن ۽ اخبارن طرفان خاص پروگرام نشر ۽ مضمون شايع ڪيا ويا.