سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريليون، سيمينار ۽ ٻيون تقريبون منعقد: سکر ۾ ”عورت آزادي مارچ“ جي جاڳرتا لاءِ عورتن جي مشعل بردار ريلي

سکر : پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ريليون، سيمينار ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، ان موقعي تي عورتن جي حقن لاءِ ۽ انهن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ پيدا ڪئي ويندي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويندو ته عورتن کي سندن حقن ڏياريا وڃن، لڄالٽ، قتل ۽ تشدد سميت عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سکر ۾عورت آزادي مارچ ڪيو ويندو، جنهن جي جاڳرتا لاءِ سکر ۾ ڇنڇر تي رات جو مشعل بردار ريلي به ڪڍي وئي. عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، جنهن دوران عورتن جي حقن لاءِ ۽ انهن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.