سڄي دنيا جي سکن جي لاءِ ڪرتارپور کوليو ويو آهي: شاهه محمود قريشي

ڪرتارپور: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ تبديلي اچي وئي آهي، ڪرتارپور ان جو عملي ثبوت آهي، پوري دنيا پاڪستان جي جذبي خيرسگالي کي خراج تحسين پيش ڪري رهي آهي، 72 سال ٿي ويا هڪ واعدو ڀارت به ڪيو هو، ڪشميري منتظر آهن، اچو ملي ڪري راستو ڪڍون.

شاهه محمود قريشي چيو ته سڄي دنيا جي سکن جي لاءِ ڪرتارپور کوليو ويو آهي، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپ مان اچي پاڪستانين جي مهمان نوازي ڏسو، اڄ اسان کي پنهنجي ڇاتي ۾ ڏسڻو پوندو، برصغير ۾ نفرت جو ٻج ڪير پوکي رهيو آهي؟ اڄ محبت جي راهداري جو افتتاح ٿيو آهي، مذهبي ۽ گڏيل اعتماد جي رشتي جو عملي مظاهرو اڄ دنيا ڏسي رهي آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اڄ نئين تاريخ رقم ٿي رهي آهي، ان جو ڪريڊٽ عمران خان کي وڃي ٿو، بابا گرونانڪ محبت جو پيغام ڏنو، محبت جا ٻج پوکيا، ڪاش اهو پيغام ڪشمير جي وادي ۾ به پکڙجي وئي، خطي ۾ نفرت جو ذميوار ڪير آهي، ان تي غور ڪرڻ ڪرڻ گهرجي، پاڪستاني حڪومت معاشي ۽ محبت جي راهداري تي ڪم ڪري رهي آهي، سي پيڪ پاڪستان جو معاشي راهداري آهي.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته تبديل اچي نه پئي، تبديلي  اچي وئي آهي، ڪرتارپور عملي ثبوت آهي، عمران خان هڪ سال پهرين ڀارت جي عوام سان واعدو ڪيو هو، وزيراعظم چيو هو ته محبت جو رستو کولي ڏيکاريندس، واعدو پورو ٿي ويو، اڄ نئين تاريخ رقم ٿي رهي آهي، ان جو ڪريڊٽ عمران خان کي وڃي ٿو.