سڄو ملڪ اِن هائبرڊ نظام جَي خلاف آهي، جيترا به غداري جا ڪيس داخل ڪرڻا اٿَو ڪري وٺو:مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد :- پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جَي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حبيب جالب جو خواب پورو ٿي ويو، پنجاب به جاڳي پيو، پنجاب جَي سياسي ڪارڪنن تي به ٻين صوبن جيان بغاوت جا ڪيس داخل ٿي رهيا آهن. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سڄو ملڪ اِن هائبرڊ نظام جَي خلاف آهي، جيترا به غداري جا ڪيس داخل ڪرڻا اٿَو ڪري وٺو، پارليامينٽ جِي بالادستي، آئين جِي حڪمراني ۽ بنيادي انساني حقن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي