سپريم ڪورٽ کي هلڪو نه وٺو، رڳو مهلت ڏيڻ لاءِ ناهيون ويٺا: چيف جسٽس

اسلام آباد:-  سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌني دورنا ڪيس جي تياري جي لاءِ التوا گهرڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڊپٽي اٽارني جنرل کي ڇنڊ پٽي. سپريم ڪورٽ ۾ فنانس واري وزارت جي ملازمن جي الائونس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل جنرل اصغر علي طرفان ڪيس جي تياري جي لاءِ التوا جي درخواست ڪئي وئي جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي هلڪو نه کڻو، عدالت التوا ڏيڻ جي لاءِ ناهي ويٺي. چيف جسٽس آف پاڪستان جو ڊپٽي اٽارني جنرل سان مڪالمي ۾ چوڻ هو ته توهان اسان ججن تي ظلم ڪيو، جج ڪيس جا فائل پڙهي ايندا آهن، توهان لا آفيسر ڪيئن بڻجي ويا، ڇا توهان کي نوڪري تي رکي سگهجي ٿو؟  جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته روينيو ڊويزن کي 100 سيڪڙو ۽ آڊٽ اڪائونٽ کي 20 سيڪڙو الائونس ڪهڙي قانون جي تحت ڏنو ويو؟ فنانس اڪنامڪ ۽ روينيو ڊويزن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل جنرل اصغر علي چيو ته روينيو ڊويزن جي ورڪنگ ٻين ذويزنن کان مختلف آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هر سرڪاري اداري جي پگهار ٻئي اداري کان مختلف آهي، ڪهڙا سبب آهن جو سڀني سرڪاري ادارن جون پگهارون هڪ ڪيون؟ عدالت عظميٰ ڊپٽي اٽارني جنرل کي ڪيس جي تياري جو وقت ڏيندي ڪس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن جي پڄاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.