سپريم ڪورٽ پاران ايف بي آر جي آفيسرن خلاف ٽن مهينن ۾ ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد :- سپريم ڪورٽ فراڊ ۾ ملوث فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي آفيسرن  جي خلاف 3 مهينن ۾ ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ م ڪراچي جي ٽن مبينه جعلي ڪمپنين کي 9 ڪروڙ روپين جي ٽيڪس ريفنڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. 

وقتي چيف جسٽس گلزار احمد اطمينان جوڳا جواب نه ڏيڻ تي ايف بي آر اختيارين کي سخت ڇنڊ  پٽيندي چيو ته  ايف بي آر پنهنجي  ئي آفيسرن کي بچائي رهي آهي. پنهنجي آفيسرن کي بچائڻ جي لاءِ قومي ناڻي  جي 9 ڪروڙ روپين جي قرباني ڏني پئي وڃي. اوهان ماڻهن کي ملڪ جي پرواهه ناهي هي 9 ڪروڙ  روپيه واپس ڪير ڪندو. نقصان پهچائيندڙن کي نوڪري مان ڪڍڻ ڪافي ناهي. سموريون جعلي ڪمپنيون آهن.

شبر صاحب اهو ٻڌائي ته اها رقم ڪنهن جي کيسي ۾ وئي.؟ عدالت جي پڇاڻي تي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ٻڌايو ته ايف بي آر جا سموري ملڪ ۾ 21 هزار 500 ملازم آهن.  جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته تباهه ٿيل ادارو آهي اوهان جو، ايف بي آر جي پبلڪ سروس ڪٿي آهي.؟ جن ماڻهن 9 ڪروڙ روپين جو نقصان پهچايو ڇا قانون ۾ ان جي خلاف صرف ڪڍڻ آهي يا سزا به آهي.؟ ايف بي آر اختيارين جواب ڏنو ته  صرف سزا آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف بي آر جا رولز ڏيکاريو، قانون ۾ واپسي ۽ 5 سال جيل جو لکيل آهي.

عدالت فراڊ ۾ ملوث منيرالله، عبدالحميد ۽ اشفاق غنيو جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ايف بي آر کي 3 مهينن جو وقت ڏيندي ڊاڪٽر اشفاق غنيو خلاف ڪارروائي جي اڳڀرائي رپورٽ ٻن هفتن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. چيئرمين ايف بي آر چيو ته ڊاڪٽر اشفاق غنيو خلاف ڪارروائي جي لاءِ وزيراعظم کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ذريعي  لکي ڇڏيو آهي. ٻن هفتن ۾ مشڪل سان وزيراعظم طرفان جواب ايندو.

عدالت کي درخواست آهي ته ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته جيڪڏهن نيت هجي ته هڪ ڏينهن ۾ ڪم ٿي ويندو آهي. عدالت چيئرمين ايف بي آر  جي وڌيڪ مهلت جي درخواست رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.