سپريم ڪورٽ مندرن ۽ گردوارن جي زمينن تي حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد := اويڪيو ٽرسٽ کان ملڪ جي سمورن مندرن ۽ گردوارن جي حوالي سان رپورٽ طلب، سپريم ڪورٽ مندرن ۽ گردوارن جي زمينن تي حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪَرڪ جي تاريخي مندر تي حملي واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين رميش ڪمار چيو ته 1947ع کانپوءِ ڀارت ۾ اويڪيو ٽرسٽ جو چيئرمين مسلمان آهي، پاڪستان ۾ 73 سالن کان هڪ به هندو کي اويڪيو ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر نه ڪيو ويو، 1947ع ۾ لياقت علي خان ۽ نهرو اويڪيو ٽرسٽ جي چيئرمين بابت معاهدو ڪيو هو، جنهن تحت پاڪستان ۾ هندو ۽ ڀارت ۾ مسلمان چيئرمين مقرر ڪيو ويندو، چيف جسٽس گلزار احمد رميش ڪمار سان مخاطب ٿيندي چيو ته دستاويز ڏيکاريو ته ڪڏهن معاهدو ٿيو، رڳو ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو.