سپريم ڪورٽ طرفان وزارت دفاع جي ماتحت اداري جي حراست ۾ موجود وڪيل ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جي آزادي وارو ڏنل فيصلو معطل

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان وزارت دفاع جي ماتحت اداري جي حراست ۾ موجود وڪيل ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جي آزادي وارو ڏنل فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، خيال رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ اڳوڻي فوجي آفيسر جي حراست غيرقانوني قرار ڏيندي ان جي فوري آزادي جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي خلاف وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، درخواست تي اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ جسٽس مشير عالم استفسار ڪيو ته ڪيس ڪهڙي ڪارڻ قائم ڪيو ويو ؟ ڪو ته ڪارڻ هوندو گرفتاري جو؟
سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل انور منصور ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي گرفتاري تي شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جسٽس مشير عالم پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان حراست هيٺ شخص کي ٻڌايو آهي ته ان مٿان ڪهڙا الزام آهن ؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ان کي ٻڌايو آهي ته اوهان تي ڪهڙا الزام آهن ۽ هو جوابدار آهي، دليلن ۽ ريمارڪس بعد عدالت هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل سمورو رڪارڊ طلب ڪندي ڪرنل (ر) جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.