سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد:- سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس گلزار احمد وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب عدالت عظميٰ جي جسٽس مشير عالم جسٽس گلزار احمد کان حلف ورتو.حلف برداري واري تقريب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ رٿيل هئي، جنهن ۾ عدالت عظميٰ جي ججن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.واضح رهي ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي پرڏيهه دوري تان واپسي تائين جسٽس گلزار احمد هن جا فرص انجام ڏيندو.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پرڏيهه وڃڻ تي عدالت عظميٰ جو سينيئر ترين جج هن جو عهدو سنڀاليندو آهي.ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا جسٽس گلزار احمد وقتي چيف جسٽس جي عهدي جا فرض انجام ڏئي چڪو آهي.جسٽس گلزار احمد جو شمار سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن ۾ ٿيندو آهي ۽ هو ايندڙ چيف جسٽس هوندو.20 ڊسمبر 2019ع تي ريٽائرڊ ٿيندڙ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي ايندڙ چيف جسٽس جو عهدو  جسٽس گلزار احمد سنڀاليندو ۽ هو پهرين فيبروري 2022ع تائين ريٽائرڊ ٿي ويندو.جسٽس گلزار احمد جي ڳالهه ڪيون ته هو پنهنجي سخت ريمارڪس جي ڪري خبرن جي زينت بڻجندو رهيو آهي.