سپريم ڪورٽ،انساني حقن جي عالمي ادارن ۽ گڏيل قومن جا ادارا سارنگ جويو جي جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺن

ڪراچي : سنڌ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري ۽ زيبيسٽ يونيورسٽي جي استاد سارنگ جويي کي رياستي ادارن پاران رات جو ڏيڍ وڳي سندس گھر تي حملو ڪري گنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ سجاڳي فورم’ سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن ‘سنڌ سڀا ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو شديد احتجاج ڪيو ويوـ احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ انساني حڪن جي عالمي ادارن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ت سارنگ جويو سنڌ جو اھو سرگرم سماجي اڳواڻ آھي جنھن ھميشا سنڌ جي وسيلن ۽ قومي حڪن لاء پرامن سياست ڪئي آھي ان کي ڇو کنڀي گم ڪيو ويو آھي ـ ان جو ڏوھ ڪھڙو آھي ‘ سارنگ جويو کي فوري آزاد ڪيو وڃي ـ ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم پاران اھو الٽيميٽم اھو ڏنو ويو ت جيڪڏھن 48 ڪلاڪن اندر سارنگ جويو کي آزاد ن ڪيو ويو ت پوء گورنر ھائوس ۽ سي ايم ھائوس جو گھيراء ڪيو ويندو ان سان گڏ سنڌ سڀاجي سرواڻ ‘ سائين انعام عباسي پاران سارنگ جويو جي آزادي تائين ڪراچي پريس ڪلب آڏو مرڻ گھڙيء تائين بک ھڙتال تي ويھڻ جو اعلان ڪيو ويوـ ان احتجاجي مظاھري ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محب آزاد لغاري ، سھڻي جويو، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سائين لطيف ميمڻ ،  پريس سيڪريٽري زاھد کوسو ، فائينانس سيڪريٽري سنڌو ساگر ، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي چيف آرگنائيزر ياسين جھلڻ ڊپٽي آرگنائيزر ھمت فلپوٽو آرگنائيزر گلزار سولنگي ، آرگنائيزر رزاق گبول سنڌ سجاڳي فورم (ضلعي ڪورنگي ) جي جنرل سيڪريٽري منصور جمالي ، جوائينٽ سيڪريٽري ريجھو مل ‘ فائينانس سيڪريٽري صداقت شيخ ، پريس سيڪريٽري آفتاب گبول ، سنڌ سڀاڻي سرواڻ سائين انعام عباسي، وفا سنڌي محبوب شاھ ۽ نور باگڙي ، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران ادي سورٺ لوھار ۽ ادي سسئي لوھار شرڪت ڪئي .