سٺ ميل ڀرسان مري برادري ۾ زميني تڪرار تان گهر تي حملو: عورت قتل

سٺ ميل ـ سٺ ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ھاشم مري ۾ زمين جي تڪرار تان عورت قتل ـ  تفصيل موجب  سٺ ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ھاشم مري ديھه 19 نصرت ۾ زمين جي تڪرار تان ٽن جوابدارن ھٿان 40 سالا عورت قتل ڪيس داخل سٺ ميل پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ رواني ـ ايس ايڇ او سٺ ميل رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته فريادي غلام علي مري اطلاع ڏيندي چيو ته ٽي جوابدار لياقت علي ذاھد حسين ۽ محمد علي  گهر ۾گھڙي منهنجي ڀيڻ چاليهه سالا نور خاتون زال برڪت علي مري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا. ھن ٻڌايو ته جوابدارن سان زمين جو تڪرار پڻ ھلندڙ آهي. پوليس موجب واردات تان نائن ايم ايم جا چار خول ھٿ ڪيا آهن. ھوڏانھن مقتول جي گهر ۾ قھرام متل آهي.