سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي لڳل سمورا بل بورڊز ۽ سائين بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : مافيا حڪومت کي پالي رهي آهي، حڪومت اُن مافيا جو ڇا بگاڙيندي؟ سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي لڳل سمورا بل بورڊز ۽ سائين بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شهر ۾ بِل ۽ سائين بورڊز هٽائڻ جا اختيار ڪمشنر حوالي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته حڪومتن جو داڻو پاڻي بند ٿي ويندو، ڪمشنر صاحب! توهان بااختيار آهيو، ڪارروائي ڪري سمورا سائين بورڊز هٽائي ڇڏيو، ڪراچي کي هر ڪو تباهه ڪري رهيو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي حصي جي بالٽي ڀري هليو ويندو آهي، لڳي ٿو سڀ مافيا بڻيل آهن، وزيرن کي ڏسو ته مُسڪرائيندي وڏين وڏين گاڏين ۾ گهمندا آهن، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ڏکڻ عدالت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته بل بورڊز لڳائڻ جو ڪيس ٻن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، سندن ڳولا ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس ايس ايس پي ڏکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اُهي جوابدار سمنڊ ۾ هليا ويا، عدالت ۾ فضول ڳالهيون نه ڪريو، وڃو ۽ اُنهن کي ڳولي اچو.