سُپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي  :- سُپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته جڏهن کان اهڙو حڪم ڏنو آهي، تڏهن کان 4-5 ڊي ايس ريلوي تبديل ٿي چڪا آهن. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊي ايس ريلوي ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. عدالت سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ جي حوالي سان رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي ۽ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي، پر مهينو گذري ويو آهي. ريلوي اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته سنڌ سرڪار جي چوڻ تي سرڪلر ريلوي جي رٿا کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان سرڪلر ريلوي سان گڏ لوڪل ٽرين به بحال ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، توهان ريلوي جي زمين ڏٺي آهي، جتي حددخليون ٿيون آهن. جنهن تي ڊي ايس ريلوي چيو ته جي مون ڏٺي آهي ته زمين تي حددخليون آهن، جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان کي اڃا تائين خبر ئي ناهي ته توهان ڇا چوڻ گهرو ٿا، ڇا ريلوي جي زمين تان حددخليون هٽايون ويون آهن؟ ڊي ايس ريلوي چيو ته سٽي اسٽيشن کان ڊرگ روڊ تائين حددخليون آهن. جسٽس گلزار احمد چيو ته اصل حددخليون ته گلشن اقبال ۾ آهن، توهان رڳو اسلام آباد مان تقرير ڪرڻ ايندا آهيو، جڏهن ته کان سرڪلر ريلوي جي بحالي جو حڪم ڏنو آهي، تڏهن کان چوٿون يا پنجون ڊي ايس ريلوي تبديل ٿي رهيو آهي، اسان جو اُن سان ڪوبه سروڪار ناهي ته سرڪلر ريلوي سي پيڪ ۾ شامل آهي يا نه؟ جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اڄ سرڪلر ريلوي هلائڻ چاهيو ته هلي سگهي ٿي.اي جي سنڌ سلمان طالب الدين عدالت کي آگاهه ڪيو ته ريلوي جي زمين تي وڏيون وڏيون عمارتون ٺهي چڪيون آهن، جنهن تي عدالت پُڇيو ته ڇا اها زمين سنڌ سرڪار جي نه آهي؟ اي جي سنڌ چيو ته جي اها زمين سنڌ سرڪار جي آهي، پر ريلوي کاتو ليز ڏئي رهيو آهي. جسٽس گلزار احمد ڊي ايس ريلوي سان مخاطب ٿيندي چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي توهان سان ڇا ڪيو وڃي؟ ڊي ايس ريلوي چيو ته مون کي آئي 6 مهينا ٿيا آهن، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪو آفيسر ائين چوي ته اُن کي عهدي تي نه اچڻ گهرجي، پهرين هوم ورڪ ڪرن گهرجي. جسٽس گلزار احمد چيو ته 9 آگسٽ جي تاريخ ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻڌايو ته ڇا ڪيو آهي.