سُپريم ڪورٽ جعلي لائسنس رکندڙ پائليٽس خلاف ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :- سُپريم ڪورٽ جعلي لائسنس رکندڙ پائليٽس خلاف ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جعلي لائسنس جاري ڪندڙ آفيسرز خلاف فوجداري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم، عدالت سي اي اي ۽ پي آءِ اي جي رپورٽس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هڪ وقت هو جو هاليووڊ جا اداڪار به پي آءِ اي ۾ سفر کي اعزاز سمجهندا هئا، اڄ حالت ڏسو ته پي آءِ اي ڪٿي بيٺل آهي، سُپريم ڪورٽ جعلي لائسنس ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري پالپا جي درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس پالپا جي عهديدارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان جعلي پائليٽس جي وڪالت ڪري رهيا آهيو، پائليٽس جو فيصلو لاڳاپيل ادارا ڪندا.