سُئي ناردرن گئس ڪمپني ۾ 10 اڳوڻا فوجي آفيسرز ايگزيڪيوٽو جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، ڇا ڪو سويلين اِن قابل نه هو

اسلام آباد :- توانائي واري وزارت انڪشاف ڪيو آهي ته سُئي ناردرن گئس ڪمپني 10 اڳوڻا فوجي آفيسرز ايگزيڪيوٽو جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ڇا ڪو سويلين قابل نه هو جو ميجر ۽ ڪرنل ايگزيڪيوٽو طور ڪم ڪري رهيا آهن. چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اجلاس ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب سوالن جا لکت ۾ جواب ڏنا. جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سُئي ناردرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ ۾ 10 اڳوڻا فوجي آفيسر ايگزيڪيوٽو جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، ايس اين جي پي ايل ۾ چار رٽائرڊ ميجر، پنج رٽائرڊ ليفٽيننٽ ڪرنلز ۽ هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر ايگزيڪيوٽو جو ڪم ڪري رهيا آهن.
پ پ سينيٽر مولا بخش چانڊيو اهڙي جواب تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ميجر ۽ ڪرنل ايگزيڪيوٽو طور رکيا آهن، اسان ته اُنهن کانسواءِ هلي ئي نٿا سگهون، ڇا ڪو سويلين اِن قابل نه هو ته ايگزيڪيوٽو جي جاءِ وٺي سگهي؟ ڄاڻايل فوجي آفيسرز وٽ ڪهڙي لاڳاپيل ڊگري آهي؟