سي پيڪ ۾ بنا ٽينڊر جي ٺيڪا ڏيڻ سبب قومي ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان

اسلام آباد: – اين ايل سي طرفان بنا ٽينڊر جي ٺيڪا ڏيڻ ۽ اڌ ۾ ڪم ڇڏڻ جي باوجود ٺيڪيدارن کي وڌيڪ ادائيگين جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته سي پيڪ ۾ بنا ٽينڊر جي ٺيڪا ڏيڻ سان قومي ناڻي کي به ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي. رپورٽ موجب رانا تنوير جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبه بندي واري وزارت جي آڊٽ رپورٽ 20-2019 غور هيٺ آئي. آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته نيشنل لاجسٽڪس سيل(اين ايل سي) ڪراچي گرين لائن بي آر ٽي ايس ۾ ايسڪيليٽرز  کي لڳائڻ لاءِ ٽينڊر کان سواءِ ٺيڪا ڏنا. ان منصوبي تي 96 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيا. اين ايل سي ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي باوجود ٺييڪدارن کي وڌيڪ ادائيگيون ڪيون. اين ايل سي حبيب رفيق ۽ خان ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترين ئي ڪمپنين کي 17 ڪروڙ 80 لک روپيه وڌيڪ ادا ڪيا ويا. ان حوالي سان منصوبه بندي واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته اين ايل سي جو نالو منصوبه بندي واري وزارت سان گڏ آهي. اين ايل سي خود مختار ادارو آهي. اسان جي التجا آهي ته اين ايل سي کي منصوبه بندي واري وزارت کان واپس ورتو وڃي. اسان هن اداري کي سنڀالي نٿا سگهون.اين ايل سي اختيارين موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني شرط رکي هئي ته صرف شينلڊز  جا ايڪسيلٽر لڳائڻا آهن پپرا قانون اسان کي اهڙي قدم جي اجازت ڏئي ٿو. آڊٽ اختيارين اسان جي هڪ انٽرنل خط جي بنياد تي آڊٽ پيرا ٺاهيو. اسان جي هڪ ڳجهي خط تي آڊٽ پيرا ڪيئن ٺاهيو ويو. پي اي سي پپرا کان ان معاملي تي راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. آڊٽ اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ سي پيڪ پيڪيج ون ۾ ٽينڊرکان سواءِ ڪيترائي ٺيڪا ڏنا ويا. ايل اي ڊي روڊ لائٽس، روڊ جي تعمير لاءِ ٽينڊر کان سواءِ ٺيڪا ڏيڻ سان 12 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٽينڊر کان سواءِ ٺيڪن بابت لاڳاپيل ڪيسز کي هڪ مهيني ۾ جاچ جي هدايت ڪئي. اين ايل سي اختيارين موقف اختيار ڪيو ته اين ايل سي ان علائقن ۾ ڪم ڪندي آهي جتي ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. اسان کي پپرا قانون کان ڇوٽ ڏني وڃي. پي اي سي چيئرمين چيو ته پپرا قانون ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي پي اي سي پپرا قانون ۾ ترميم لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو آهي