سي ايم هائوس ٻاهران ڪاليجي استادن تي تشدد: گرفتاريون سپلا جي سڏ تي ڌرڻي جي ڪوشش دوران پوليس جي لٺبازي، عورت مظاهرين کي گهلي موبائيل ۾ وڌو ويو

ڪراچي :  سي ايم هائوس ٻاهران احتجاج ڪندڙ ليڪچرارز ۽ پروفيسرز تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي، عورتن سميت ڪيترن ئي استادن کي گهلي پوليس موبائيل ۾ وجهي کنڀي وئي. ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشن نه ڏيڻ خلاف صوبي جي مختلف شهرن کان پهتل ڪاليجز جي ليڪچرارز ۽ پروفيسرز سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻڻ لاءِ پهتا ته پوليس اٽالا پهچي ويا. استادن جي احتجاج سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. پوليس روڊ کولرائڻ لاءِ احتجاجي استادن تي ڪڙڪي پئي ۽ مٿن لٺبازي شروع ڪري ڏني. جنهن بعد عورتن سميت 20 کان وڌيڪ استادن کي حراست ۾ ورتو ويو. کين گهلي موبائيل ۾ وجهي کنڀيو ويو. جنهن بعد سمورا استاد واپس پريس ڪلب اچي ويا، جتي هنن پنهنجو احتجاج جاري رکيو آهي ۽ سپلا اڳواڻن وچ ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ مشاورت ڪئي پئي وڃي. سپلا اڳواڻ هوت خان جمالي ۽ ٻين چيو آهي ته پوليس لٺبازي دوران عورت پروفيسرز ۽ ليڪچرز جي تذليل ڪئي آهي. ڪنهن به صورت ۾ احتجاج ختم نه ڪيو ويندو، احتجاجي ڪئمپ قائم ڪنداسين، جتي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.