سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ موجب حافظ حمد الله جا دستاويز ڪوڙا آهن : نادرا

اسلام آباد :- نادرا هڪ ڀيرو ٻيهر جي يو آءِ ف اڳواڻ حافظ حمد الله کي افغان شهري قرار ڏيندي چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ موجب سندس دستاويز ڪوڙا آهن، سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڪُٽنب جو ڪوبه رڪارڊ نه آهي. ڊي جي آپريشنز نادرا رٽائرڊ ڪرنل طاهر مقصود خان طرفان حافظ حمد الله جي شهريت ختم ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو. جنهن ۾ حافظ حمد الله جي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. نادرا جو چوڻ آهي ته حافظ حمد الله جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فيملي لنڪ جو پُراڻو رڪارڊ نه مليو آهي. نادرا جو چوڻ آهي ته 12 ڊسمبر 2018ع تي سيڪيورٽي اداري طرفان حافظ حمد الله کي افعان شهري قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته 11 آڪٽوبر تي سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حافظ حمد الله جا دستاويز ڪوڙا آهن. گهروکاتي طرفان حافظ حمد الله جي اپيل تي 30 آڪٽوبر تي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 آڪٽوبر تي حافظ حمد الله جي شهريت ختم ڪرڻ وارو نادرا جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي اختيارين کا جواب طلب ڪري ورتو هو، جڏهن ته شهريت ختم ٿيڻ خلاف جي يو آءِ ف جي اڳواڻ حافظ حمد الله وفاقي گهرو وزارت ۾ به اپيل داخل ڪرائي هئي.