سيٺارجا ۾ بااثر وڏيرا اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل يتيم نياڻي جو ڪيس لوڙهڻ جي چڪر ۾

سيٺارجا :-  سيٺارجا لڳ 14 ورهين يتيم نياڻيءَ سان اجتمائي ڏاڍائي واري واقعي ۾ ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود متاثر نياڻيءَ کي انصاف نه ملي سگهيو، بااثر وڏيرا راڄوڻي فيصلي جو دلاسو ڏئي ڪيس لوڙهڻ جي چڪر ۾، متاثر نياڻي ۽ سندس وارثن جو احتجاج، انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ انتهائي قدم کڻڻ جو چتاءُ. خبر موجب تقريبن ڏيڍ مهينو اڳ سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻانڀڻ ۾ ٻن جوابدارن گهر ۾ گهڙي 14 ورهين جي يتيم نياڻي عابده کي زبردستي کنڀي کڻي وڃي اوطاق تي اجتمائي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو هو، ورتل ڄاڻ موجب متاثر نينگري جي چاچي محمد نواز پاران جوابدارن حاڪم ملاح ۽ آصف بڙدي سميت ٻن نامعلوم اڻ سڃاتلن خلاف سيٺارجا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هيو پر پوليس جي سستي سبب جوابدارن عدالت مان گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي جيڪا گذريل ڏينهن عدالت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ پوليس کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.مليل ڄاڻ موجب واقعي بعد علائقي جي بااثر وڏيرن پاران متاثر خاندان کي راڄوڻي فيصلي ذريعي انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو هيو جن پاران پڻ انصاف نه ڏياريو ويو آهي، ذريعن موجب اهي وڏيرا ڪيس لوڙهڻ جي چڪر ۾ آهن. ٻئي طرف متاثر نينگري عابده سندس والده سڪينه بڙدي سان گڏ صحافين آڏو روئيندي دانهيو ته واقعي کي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود يتيم ۽ غريب نياڻيءَ جي زندگي تباهه ڪندڙ جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، اسان کي انصاف نه ملي سگهيو آهي ۽ بااثر ڌريون جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن هنن چيو ته ترت جوابدار گرفتار نه ٿيا ۽ انصاف نه مليو ته انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.