سيوھڻ جي پراڻي بس اسٽاپ وٽ قائم مدرسي جي ڇت تان ڪرڻ سبب شاگرد فوت، شڪ آهي ته کيس زيادتي بعد قتل ڪيو ويو : والد

سيوهڻ :  سيوھڻ جي پراڻي بس اسٽاپ وٽ قائم مدرسي جي ڇت تان ڪرڻ سبب شاگرد فوت ٿي ويو، فوتي شاگرد جي سڃاڻپ دادو واسي 14 ورهين جي عبدالڪريم ٻٻر طور ٿي آهي،  پوليس مدرسي ۾ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو، فوتي شاگرد دادو جي سينيئر صحافي فاروق ٻٻر جو پٽ آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته پُٽ عبدالڪريم سيوهڻ ۾ مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪندو هو، اوچتو اطلاع مليو ته ڇت تان ڪري فوت ٿي ويو، پٽ جي شلوار ۾ اڳٺ به ناھي، شڪ آهي ته کيس زيادتي جو نشانو بڻائي ڇت تان ڪيرائي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، نينگر جي والد فاروق ٻٻر جو چوڻ آهي ته عبدالڪريم جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائينداسين، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.