سيوهڻ ۾ نشي جون گوريون نه ڏيڻ تان اسٽور مالڪ قتل، ملازم زخمي

سيوهڻ :- سيوهڻ ۾ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ سامهون نشي جون گوريون ڏيڻ کان انڪارڪرڻ تي جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي گهران پسٽل کڻي ٻئي ساٿي سان گڏجي ميڊيڪل اسٽور مالڪ ليڪچرر خادم ميمڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مزدور زخمي پاڙي وارن هڪ جوابدارکي سوگهو ڪري ورتو، ٻيو فرارٿي ويو. سيوهڻ ۾ جوابدار ليڪچرر خام حسين ميمڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سندس ملازم واحد بخش جهيجو زخمي ٿي پيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ميڊيڪل اسٽورمالڪ کان نشي واريون گوريون گهريون جيڪي نه ڏيڻ سبب جوابدارڪاوڙ۾ اچي پسٽل جا فائر ڪري اسٽور مالڪ کي قتل ڪري ڇڏيو،  فائيرجوآوا ز ٿيڻ تي پاڙي جي ماڻھن هڪ جوابدارکي پسٽل سميت پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻيو جوابدارفرار ٿي ويو…