سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار بند هجڻ خلاف دڪاندارن، هوٽل مالڪن ۽ سياسي سماجي ڌرين جي 12هين ڏينهن به بک هڙتال

سيوهڻ :- سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار بند هجڻ خلاف دڪاندارن، هوٽل مالڪن ۽ سياسي سماجي ڌرين جي 12هين ڏينهن به بک هڙتال، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي به شرڪت، اڳواڻن چيو آهي ته حڪومت لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي گهرن ۾ فاقا آهن پر حڪمرانن کي ڪا خبر ئي ناهي، ايس او پيز تحت درگاهه کي کوليو وڃي، جيئن ماڻهن جو روزگار بحال ٿي سگهي.