سيوهڻ ۾ زيادتي ڪيس ۾ معطل جج پنهنجي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ امريڪي ليبارٽريز جا نالا ڏئي ڇڏيا

سيوهڻ :- سيوهڻ ۾ زيادتي ڪيس ۾ معطل جج پنهنجي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ امريڪي ليبارٽريز جا نالا ڏئي ڇڏيا. جي آءِ ٽي متاثر ناريءَ جو ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرڻ تي اعتراض واريندي اهڙي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. سيڪنڊ سول جج سيوهڻ جي عدالت ۾ ناريءَ سان مبينا زيادتيءَ واري ڪيس تي ٻڌڻيءَ دوران معطل سول جج امتياز ڀٽو پيش ٿيو، جنهن دوران معطل جج پنهنجي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ امريڪا جي 5 ليبارٽريز جا نالا عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. مقامي عدالت ۾ معاملي جاچ لاءِ جُڙيل جي آءِ ٽي جي طرفان متاثر ناريءَ جو 164 تحت ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ درخواست تي اعتراض واريا ويا آهن. جي آءِ ٽي جو چوڻ آهي ته زيادتي جو ڪيس ناري سلميٰ بروهيءَ جي بيان پٽاندڙ داخل ڪيو ويو آهي، هاڻي بيان تبديل ڪرڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو آهي، تنهن ڪري درخواست رد ڪئي وڃي. جي آءِ ٽي جي انچارج جو چوڻ هو جيستائين معطل جج ڊي اين اي نه ڪرائيندو، تيستائين ڪيس اڳتي نه وڌي سگندو، تنهن ڪري قانون موجب الزام هيٺ آيل جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي آهي.