سيوهڻ واسي نوجوان نئون سافٽ ويئر ٺاهي دنيا ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

سيوهڻ :- سيوهڻ واسي نوجوان نئون سافٽ ويئر ٺاهي دنيا ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.نوجوان علي مرتضيٰ سولنگي آمريڪا ۾ مڃتا ماڻڻ بعد پنهنجي اباڻي شهر  سيوهڻ پهتو ،  هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي  نوڪري وٺڻ بدران نوڪري ڏيڻ وارا بڻجو. هن چيو ته آئي ٽي جو  ڪوبه هڪڙو  ساليوشن  سڄي  سنڌ  جو مقدر  تبديل ڪري سگهي ٿو، سنڌ جا نوجوان نوڪرين پٺيان ڊوڙڻ بدران موبائل ۽ فيس بڪ مان لکين روپيا ڪمائي گذر سفر ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تعاون ڪن ته مختلف ادارن ۾ جديد ٽيڪنالوجي زريعي وقت .پئسو ۽ محنت بچائي سگهون ٿا. مان چاهيان ته آمريڪا ۾ لکين روپيا ڪمائي پنهنجي زندگي آساني سان گذاري سگهان ٿو پر منهنجو خواب آھي ته پنهنجي ملڪ .سنڌ ۽ پنهنجي شهر سيوهڻ جي نوجوانن لاءِ ڪجھه ڪري سگهان. سندس چوڻ هو ته هن وقت سيوهڻ ۾ ڊائگنوز جي نالي سان هڪ سينٽر قائم ڪيو آھي جتي ٽن سالن جي ٻارڙن کان وٺي 50 سال جا بزرگ اچي سکي سگهن ٿا، سنڌ ۾ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي ناسا ۾ سڀ کان وڏو انگ پڻ سنڌين جو آھي مان به هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکان ٿو ٽن سالن تائين تڪليفن کي منهن ڏنو آھي هن وقت پنهنجي ٽيم آھي جيڪا نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آھي. نوجوان ٻڌايو ته سليڪان ۾ 30 ملڪن شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آھي اوبرا به هڪ پاڪستاني ٺاهيو آھي راڌڻ ۾ هڪ پنجن سالن جو ٻار نيٽ تي لکين روپيا ڪمائي رهيو آھي منهنجي ڪمپني جو نالو پولٽان آھي