سينيٽ ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ سميت سمورا قانوني ۽ آئيني رستا اختيار ڪنداسين: آصف علي زرداري

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري چيوآ هي ته سينيٽ چونڊون اسان کٽي چڪا آهيون، سينيٽ ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ سميت سمورا قانوني ۽ آئيني رستا اختيار ڪنداسين. اهڙي اظهار هن اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سان زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. يوسف رضا گيلاني ملاقات دوران آصف زرداري کي سينيٽ چونڊن بابت بريفنگ ڏني ۽ کيس ايوان جي ڪارروائي توڙي ڳجهين ڪيمرائن بابت به تفصيلي آگاهه ڪيو. يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي ستن ووٽن کي رد ڪرڻ بدنيتي آهي، بيلٽ پيپرس مان واضع ٿيو آهي سينيٽرن مونکي ووٽ ڏنو، اسٽيمپ غلط نه هنيو ويو هو