سينيٽ چونڊن جو تماشو سڀني ڏسي ورتو، هاڻي سينيٽ چونڊون ائين نه ٿينديون:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد := سينيٽ چونڊن جو تماشو سڀني ڏسي ورتو، هاڻي سينيٽ چونڊون ائين نه ٿينديون، ايندڙ چونڊن لاءِ ٽيڪنالوجي استعمال ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان جي وفاقي ڪابينا کي خطاب دوران اپوزيشن تي ڇتي تنقيد، وزيراعظم چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ اچڻ بعد چوري جو پئسو ٻاهر اُماڻيندا آهن، پئسو ٻاهرا اُماڻيو ويندو آهي ته ڪرپشن کي قبول جوڳو بڻائڻ لاءِ ميڊيا کي به پئسو ڏنو ويندو آهي، اهو ئي پئسو ادارن ۾ به هلندو آهي.