سينيٽ اجلاس جي دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان لفظي گولاباري جاري

اسلام آباد:- سينيٽ اجلاس جي دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان لفظي گولاباري جاري رهي. سينيٽر فيصل جاويد ۽ سينيٽر مولابخش چانڊيو جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.فيصل جاويد مولا بخش چانڊيو جي تقرير دوران ٽوڪيو ته مولابخش چانڊيو هن کي بي بي چيو، وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير تي اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ملڪ ۾ ڏيڍ سالن کانپوءِ مڊٽرم اليڪشن جي تاريخ موجود آهي، ملڪ ۾ تاجر، هاري، ڊاڪٽرز، نرسز، استاد احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ هيجاني واري ڪيفيت آهي.مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير دوران ايوان ۾ هنگامو ٿي ويو ۽ اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو. مراد سعيد جو چوڻ هو ته پاناما ليڪس تحريڪ انصاف نه آندي هئي. سڄي دنيا جي انويسٽگٽيورپورٽرز اها رپورٽ ٺاهي. هڪ ٻئي کي چور چوڻ وارا اڄ گڏ بيٺل آهن.سينيٽر فيصل جاويد پيپلزپارٽي جي مولابخش چانڊيو جي تقرير دوران ٽوڪيو ته مولابخش چانڊيو فيصل جاويد کي بي بي چيو، جنهن تي ايوان ۾ هنگامو ٿي ويو. پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته ان صورتحال جو ذميوار وزيراعظم ۽ وزير آهن.وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير تي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. سينيٽ جو اجلاس جمعي جي صبح ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.