سينيٽر حاصل بزنجو جي خلاف غداري ايڪٽ جي تحت ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد :- هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان سينيٽر حاصل بزنجو جي خلاف غداري ايڪٽ جي تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.غلام سرور خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حاصل بزنجو جو قومي ڌاري جي سربراهه بابت بيان افسوس جوڳو آهي، هو ڀارت را ۽ ملڪ دشمنن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي ئي ماڻهن کي وڪائو چئي پاڻ کي، سياست کي ۽ سينيٽ کي بدنام ڪري رهي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ڪا به هارس ٽريڊنگ ناهي ٿي، نه جهانگير ترين جو ڪو ڪردار آهي، نه ئي پيسو هلايو ويو آهي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ضمير فروش ۽ وڪائو آهن.