سينيئر صحافي مطيع الله جان اسلام آباد مان غائب، رات دير سان بازياب

اسلام آباد : سينيئر صحافي مطيع الله جان اسلام آباد مان غائب ٿي ويو، ايمنيسٽي انٽرنيشنل مطيع الله جي گم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سندس جلد پتو لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صحافي مطيع الله جان جي گهرواري موجب سندس مڙس جي گاڏي جيِ سڪس ۾ اسڪول ٻاهران بيٺل ملي آهي. هن چيو ته کيس ٻڌايو ويو ته مڙس کي ڪجهه ماڻهو زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. پوليس موجب مطيع الله جان جي گم ٿيڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي. مطيع الله جان جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي هڪ ٽوئٽ به شيئر ڪيو ويو،  جنهن ۾ سي سي ٽي وي وڊيو ۾ مبينا طور مطيع الله جان کي اغوا ڪرڻ جو واقعو ڏيکاريو پيو وڃي. ايمنيسٽي انٽرنيشنل مطيع الله جان جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اختياريون جلد مطيع الله جان جو پتو لڳائن. بيان ۾ چيو ويو ته مطيع الله جان صحافت سبب ماضيءَ ۾ به حملن  کي منهن ڏنو