سينئر صحافي مطيع الله جان اسلام آباد مان کنڀجي ويو

اسلام آباد :- سينئر صحافي مطيع الله جان اسلام آباد مان کنڀجي ويو، سندس گاڏي لاوارث حالت ۾ هٿ آئي آهي، هيومن رائيٽس ڪميشن صحافي مطيع الله جان جي بازيابي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، صحافي مطيع الله جان جي اغوا تي ايمنسٽي انٽر نيشنل پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته صحافي جي اغوا بابت جاچ ڪيون پيا، بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، صحافي جي گهرواري جو چوڻ آهي ته ٻڌايو ويو ته مطيع الله اغوا ٿي ويو آهي، ان جي گاڏي اسڪول ٻاهران ملي آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي فٽيج سوشل ميڊيا تي اچي ويا، جن ۾ مطيع الله کي ڪجهه ماڻهو کنڀي رهيا آهن.