سيف الله ابڙو لياقت جتوئي کي 2 ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو

ڪراچي := سيف الله ابڙو لياقت جتوئي کي 2 ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو،پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سيف الله ابڙو کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ملڻ تي لياقت جتوئي کيس ٽڪيٽ 35ڪروڙ روپين عيوض جاري ڪرڻ جو الزام مڙھيو هو. وڪيل جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن ۾  نوٽيس جو جواب نه ڏنو ته هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪنداسين.ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله ابڙو سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته لياقت جتوئي ڪوڙا الزام هنيا آهن، هاڻي ساڻس عدالت ۾ ملاقات ۾ ٿيندي