سيد جلال محمود شاهه جي گهر تي پوليس جو ڪڙو، گرفتاريون اسان کي ورثي ۾ مليل آھي: ايس يو پي سربراھ

ڄامشورو:= ايس يو پي سربراهه ۽ سنڌ ايڪشن ڪميشن جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جي گهر تي پوليس ڪڙو چاڙهي اٽالا مقرر ڪري ڇڏيا، پوليس پاران سائين جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو جو گهيراءُ ڪرڻ تي ڪارڪنن ۾ تاءُ پکيڙجي ويو، ٻئي پاسي جاري ڪيل پريس بيان ۾ سيد جلال محمود شاه جو چوڻ آهي ته گرفتارين کان ڊڄڻ وارو ناهيان، جيل گرفتاريون ۽ جدوجهد اسان کي ورثي ۾ مليل آهن، هن چيو آهي ته اسان جي محبت جو مرڪز سنڌ آهي، سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڪارڪن هر وقت پر امن جدوجهد لاءِ تيار رهن.