سيتا ٽائون رورل هيلٿ سينٽر ۾ نانگ ۽ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن جي ويڪسين سميت مريضن جو بروقت علاج ڪيو وڃي ٿو: آءِ ايڇ ايس

دادو:- سيتا ٽائون جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ايڪسري، ليبارٽري، ايمبولنس سروس ۽ ٽنهي شفٽن ۾ ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ چوويهه ڪلاڪ ايمرجنسي ڪيئرسبب اوپي ڊي ۾ ايندڙ مريضن جي انگ ۾ پنجاه سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اهي تفصيل آءِ ايڇ ايس جي ڊسٽرڪٽ ميڊيڪل يونٽ دادو جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايا ويا آهن. دادو ضلعي جي ڊسٽرڪٽ مينيجر ڊاڪٽر ايم رمضان سميجو، سيتا شهر جي هن قديمي هيلٿ سينٽر جو پس منظرٻڌائيندي چيو ته شهر جي چئني پاسن کان آباد 45 ڳوٺن جي 40 هزار آبادي لاءِ 1970 ۾ ٺهيل سينٽر سنڌ جو صحت کاتي جي حوالي ڪيو ويو هو. جڏهن ته گذريل سال 2018 ۾ جولاءِ جي مهيني کان صحت جو قومي ادارو اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز انتظامي طور سنڀالي رهيو آهي. ڊاڪٽر سميجي مطابق سينٽر جي حوالگي کان پوءِ ايڪسري ۽ ليبارٽري کي فنڪشنل ڪيو ويو آهي. جتي بلڊ گروپنگ، شگر،مليريا، هيپيٽائٽس بي سي، ٽي بي ۽ خاص طور ايڇ آءِ وي ايڊز لاءِ ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته سالن کان معمولي مرمت نه ٿيڻ سبب بيهجي ويل ٻن ايمبولنس گاڏين کي روڊ تي آندو ويو آهي.هن چيو ته آءِ ايڇ ايس پاران هڪ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ڏهن پيرا ميڊيڪل ۽ سپورٽ اسٽاف جي مقرري کان پوءِ ستن ڊاڪٽرن سميٽ پنجاهه جي انگ ۾ طبي عملو چوويهه ڪلاڪ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد بخش چانڊيو جو چوڻ هيو ته ايمرجنسي سروس سان گڏ ٻارنهن ڪلاڪ هلندڙ ماءَ ۽ ٻار جي صحت مرڪز۾ وومين ميڊيڪل آفيسر ۽ سينئر ايل ايڇ ويز ڳورهاري عورتن کي ويم کان پهريائين ۽ بعد ۾ ٿيندڙ ڪنهن به پيچيدگين کان بچاءَ ۽ نون ڄمندڙ ٻارن جي خصوصي سنڀال لاءِ سينٽر تي موجود هونديون آهن. سندن ٽيم ۾ 32 جي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر شامل آهن جيڪي ڳوٺاڻين عورتن جي رهنمائي لاءِ سينٽر توڙي گهرن جي وزٽ ڪنديون آهن. ڊاڪٽر چانڊيو وڌيڪ چيو ته سيتا جي هن سينٽر تي ڪڏهن نانگ ۽ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن جي ويڪسين جي کوٽ ٿيڻ ناهي ڏني وئي. هن وقت به سينٽر تي ويڪسين موجود آهي جيڪا عام طور ڪيترين ٻين اسپتالن ۾ اڪثر موجود ناهي هوندي.