سيتا روڊ ويجهو المناڪ سانحو: ڪڪڙ شاخ ۾ ٻن ڀائرن سميت 4 ٻارڙا ٻڏي فوت

سيتاروڊ :- جوهي برانچ جي ڪڪڙ شاخ ۾ چار ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا. ٻڏي ويلن ٻه ڀائر 10 ورهين جو علي احمد، 12 ورهين جو خان بهادر پٽ وزير لاکو، 13 ورهين جو عبدالرسول پٽ ماهي سميت چار ٻارڙا شامل آهن. چئني ٻارڙا جا لاش علائقي واسين مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا جتي ضروري ڪاروائين بعد سندن وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي ٻڏي فوت ٿيل جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي.