سياست ۾ اڳتي لاءِ به مداخلت بند ٿيڻ گهرجي، سياسي جماعتن کي به پنهنجَي عمل سان پنهنجو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو: قمر زمان ڪائرا

لاهور :- پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته سياست ۾ اڳتي لاءِ به مداخلت بند ٿيڻ گهرجي، سياسي جماعتن کي به پنهنجَي عمل سان پنهنجو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته حڪومت ٻن سالن ۾ به صحيح رُخ طئي ناهي ڪري سگهي، تنهنڪري حڪومت اقتدار لاءِ وڌيڪ جواز وڃائي چُڪِي آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت کي وڃڻو پوندو، پاڪستان هاڻي وڌيڪ ڪو به تجربو برداشت نه ٿو ڪري سگهي، پيپلزپارٽي ٻين جماعتن سان گڏجي حڪومت خلاف حتمي تحريڪ هلائيندي.قمر زمان ڪائره چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار مهانگائي، بيروزگاري ۽ اخلاقي ڏيوالي جو طوفان کڻي آئي آهي، پ پ ۽ ن ليگ جي دور ۾ بجلي جا اگهه نه وڌايا ويا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار کي وڃڻو پوندو ۽ اليڪشن جي ذريعي عوام بهتر ماڻهن کي چونڊي. نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ بابت هن چيو ته نواز شريف قانون تحت حڪومت ۽ عدالت جي اجازت سان ويو آهي، خواجه آصف جي بيان تي قمر زمان ڪائره چيو ته خواجه آصف جيڪا ڳالهه ڪئي اها سندس ذاتي راءِ هئي جماعت جي پاليسي نه هئي، خواجه آصف پنهنجي بيان تي معافي ورتي هئي هاڻي ان ڳالهه کي ختم ٿيڻ گهرجي.