سوڊان جي تاريخ ۾ پهرين عورت چيف جسٽس

خرطوم : سوڊان ۾ جسٽس نعمات عبدالله محمد خير کي چيف جسٽس ۽ تاج السرعلي الحبر کي ملڪ جو اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.نعمات خير سوڊان جي نئين تاريخ ۾ چيف جسٽس جو منصب تي فائز ٿيڻ واري پهرين عورت آهي. عمر البشير جي حڪومت جي خلاف انقابي تحريڪ کي سپورٽ ڪرڻ واري عورتن ۾ جسٽس نعمات به شريڪ هئي. هو هلندڙ سال اپريل ۾ خرطوم ۾ سوڊان فوج جي هيڊ ڪوارٽر جي سامهون منعقد ٿيندڙ ڌرڻي ۾ نظر ايندي هئي، نعمات خير 1957 ۾ پيدا ٿي. هن خرطوم ۾ قاهره يونيورسٽي جي ڪيمپس کان قانون جي تعليم حاصل ڪئي. نعمات 1983 ۾ عدليه جي معاون جي طور تي ڪم شروع ڪيو. نعمات 2003 ۾ اپيل ڪورٽ جي جج مقرر ٿي هئي. 2016 ۾ نعمات ترقي حاصل ڪري سپريم ڪورٽ جي جسٽس بڻجي وئي هئي