سوڀوديرو ڀرسان گُم ٿي ويل نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور :- سوڀوديرو ڀرسان گُم ٿي ويل نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته نينگر کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعدگهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو. سوڀو ديرو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ راوت مشوري ۾ 6 ورهين جي نينگر اسلم مشوري جو لاش وونئڻن جي فصلن مان هٿ ڪيو ويو. نينگر جي جسم تي تشدد جا نشان آهن. نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڪالهه شام جو دُڪان تان شئي وٺي وڃڻ لاءِ نڪتو ته واپس نه موٽيو، ڪيترن ئي علائقن ۾ سندس ڳولا ڪئي ۽ لائوڊ ذريعي پڙها ڏياريا پر ڪوبه پتو نه پيو، اڄ صبح جو سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرز جو چوڻ اهي ته نينگر کي تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. نينگر جي والد تسليم مشوري ٻڌايو ته سندن برادري جي ڪجهه ماڻهن سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تان سندس پُٽ کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آهي. نينگر جي وارثن اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.