سون ۽ ڊالر مهانگا، چاندي سستي

ڪراچي :- سون ۽ ڊالر مهانگا، چاندي سستي، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون جو اگهه 1500 رپين جي واڌ سان 101000 مان وڌي 102500 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 28 رپين جي لاٿ سان 902 مان 874 رپيا ٿي وئي ، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 75 پئسن جي واڌ سان 166 مان166.7رپين
تي پهتو