سوات ۾ دريافت ٿيل 13 سو سال قديم مندر کي محفوظ بڻائڻ جي قدمن جي شروعات

سوات :- سوات جي شهر بريڪوٽ ۾ دريافت ٿيل  13 سئو  سال قديم مندر کي محفوظ بڻائڻ جي قدمن جي شروعات ڪئي وئي آهي . نجي ٽيلي ويزن موجب اٽلي جي آثار قديمه جي ماهرن  بريڪوٽ شهر جي پسگردائي جي علائقي بازوا ۾ 13 سو سال قديمي مندر دريافت ڪيو هو. جنهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن . بازوا ۾ دريافت ٿيل مندر جو تعلق ترڪ شاهي دور سان ٻڌايو پيو وڃي .