سنگهار کوسي جا 14 ڳوٺاڻا جيل حوالي، 2 ڄڻن کي ڪورونا، ڪوٽڙي اسپتال ۾ آئيسوليٽ

ڪوٽڙي/قاضي احمد :- کاڻوٺ پوليس هٿان گرفتار ڪيل ڳوٺ سنگهار کوسي جي 14 ڳوٺاڻن کي ڪوٽڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت گرفتار ڳوٺاڻن جو پوليس رمانڊ ختم ڪري کين سينٽرل جيل حيدرآباد موڪلي ڇڏيو. عدالت ۾ گرفتار 14 ڄڻن مان 12 ڄڻن کي پيش ڪيو ويو، 2  ڄڻا ڪورونا هئڻ ڪري ڪوٽڙي اسپتال ۾  آئيسوليٽ ڪيا ويا، ڳوٺاڻن جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ٻن ڳوٺاڻن اعظم ۽ جبل کوسي جي طبيعت ناساز آهي، کين جيل موڪلڻ بدران اسپتال موڪليو وڃي پر عدلت کين جيل موڪلي ڇڏيو.هوڏانهن ڳوٺ سنگھار کوسو ۾ ٿيل پوليس گردي خلاف قاضي احمد جي کوسا اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن ايڊمور پمپ وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي تعلقي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. جتي شفيع محمد کوسو، شاھنواز کوسو، نبي بخش کوسو، شريف کوسو، عبدالرشيد کوسو. عبدالڪريم، عبدالرحيم. حاجي مريد کوسو، شبير جان کوسو،ڪامران کوسو، ڪامريڊ الھڏتو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس ڳوٺ سنگھار کوسو ۾عورتن مردن ۽ ٻارڙن تي سڌيون گوليون وسايون ۽ زخمي ڪري کين گرفتار ڪيو ۽ گھر ڊاھي پٽ ڪري گھرن مان ڦرلٽ ڪري قيمتي سامان  چوپايو مال وغيره به ڪاھي وئي. ھنن چيو ته  ايس ايس پي امجد شيخ کي ھٽايو وڃي ۽ ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيس  ختم ڪيا وڃن.