سنڌ ۾ 8 ارب جو راشن ڪنهن کي ڏنو ويو؟ اسان جا ٻچا ته بکون ڪاٽي رهيا آهن: پورهيت

ڪراچي :- راشن ڏيو يا لاڪ ڊائون ختم ڪريو.! سنڌ ۾ پورهيتن پاران چونڊيل نمائندن خلاف مظاهرا ڪيا ويا.   قمبر جي ڪرائي محلي جي رھواسين سرڪاري امداد نہ ملڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي عارف گوپانگ نور مگسي ۽ ٻين چيو تہ سرڪار طرفان اعلانيل لاڪ ڊائون سبب سمورا ڪاروباري مرڪز بند پيل آهن جنهن سبب اسان ڏھاڙي تي پورھيو ڪري پيٽ پاليندڙ مسڪين مزدور گذريل 34 هين ڏينهن کان بيروزگار بڻجي گهرن ۾ ويھجي ويا آهيون. فيض آباد ڪالوني خيرپور وارڊ نمبر 04 جي رهواسين جو ضلعي انتظاميا سرمائيدارن ۽ وارڊ جي ڪائونسلر خلاف احتجاج لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿي ويا آهيون ڏهاڙي وارا مزدور آهيون. سياستدان توڙي ضلعي انتظاميان سفارش تي راشن ڏئي ٿي. تفصيل موجوب فيض آباد ڪالوني وارڊ 04 جي رهواسين حبيب الله شيخ، صحبت علي شيخ، صابر علي، آصف علي، عارف علي، نعمت علي، پنهنجي گھر اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 35 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود غريب پورهيت، مسڪين ماڻهن کي راشن نه مليو آهي ۽ ڪائونسلر پنهنجي من پسند ماڻهن کي راشن ڏئي رهيو آهي اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون سنڌ حڪومت پاران مليل راشن ۽ ٻيو سامان ڪائونسلر نه ٿو ڏئي جنهن ڪري مجبور ٿي ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون. ٺل ۾ جسقم ۽ ڳوٺاڻن پاران راشن نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان ڪامريڊ لياقت علي سرڪي ۽ محمد نواز سرڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو انھي موقعي تي ڪامريڊ لياقت علي سرڪي , محمد نواز سرڪي , حافظ عارف علي سرڪي ۽ ٻين چيو ته اسان کي يوسي مبارڪپور جي ناظم ۽ نه وري چونڊيل نمائندن راشن ناھي ڏنو اسلام ڪوٽ جي جيون ڪالوني جي رھواسين نندلال ڌرمون سومار ۽ ٻين احتجاج ڪـندي دانھيو آھي ته سندس ڪالوني ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ خاندان رهائش پذير آھن جن ۾ اڪثريت مزدورن جي آھي لاڪ ڊائون جي ڪري ڏھاڙي ڪم ڪندڙ مزدور گذريل ھڪ مھيني کان بيروزگار ٿي ويا آھن جنھن سبب سندن ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آھن.  ميروخان جي ڳوٺ خان جو لاڙو جي رھواسين جو علي بخش لھر, علي گوھر, مختيار چانڊيو, عاشق جتوئي, محمد عرس ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ ميروخان-لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڏهرڪي شهر جي وارڊ نمبر 13  القطب ٽائون جي رهواسين پاران راشن نه ملڻ خلاف سڪل مانيون کڻي انوکو احتجاج ڪيو ان موقعي تي پورهيتن مولوي محمد شريف شيخ ۔غلام ياسين شيخ، جميل احمد ملڪ، محمد رمضان ملڪ جمن ڀيو، ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪرونا وائرس سبب گذريل 36 ڏينهن کان لاڪ ڊائون هئڻ سبب شهر بند پيل آهي جنهن جي ڪري اسان پورهيو ڪرڻ بدارن گهرن ۾ ويٺل آهيون پر انتظاميه متاثرن ۾ راشن ورهائڻ بدارن پنهنجي من پسند ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ سبب اسان کي اڃان تائين راشن فراهم نه ڪيو آهي جنهن جي ڪري سندن ٻچاءَ بکن تي ويٺل آهن